معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي

معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي. معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي معذورن سميت پٺتي پيل طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ هميشه اڳيان رهي آهي. هن چيو ته روزگار ۾ ڪوٽا کان تعليمي پاليسين تي عملدرآمد تائين هنن هميشه معذورن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن معذور ماڻهن کي سماج ۾ برابري جي بنياد تي شامل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي. معذور ماڻهن کي برابري جا موقعا ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ نه رڳو هڪ قانوني فرض آهي پر هڪ ترقي يافته سماج جو اخلاقي فرض پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو