مصري پرڏيهي وزير جي فيلڊ مارشل سان ملاقات، ڳالهيون

مصري پرڏيهي وزير جي فيلڊ مارشل سان ملاقات، ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعطي ملاقات ڪئي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو.آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون، فوجي لاڳاپن، تربيتي تعاون ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي بحث ڪيو ويو.پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ چيو ته ٻنهي ملڪن دفاع ۽ وسيع اسٽريٽجڪ شعبن ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، مصري پرڏيهي وزير مصري قيادت جي نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو، ۽ مصر پاڪستان سان سڀني شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ چيو ته ٻنهي ڌرين بدلجندڙ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جي تناظر ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو