مستونگ ڌماڪي جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل

مستونگ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي شهر مستونگ ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس تي آپگهاتي حملي جو ڪيس اڻڄاتل هٿياربندن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.آءِ جي پوليس عبدالخالق شيخ چيو ته ڌماڪي ۾ 6 کان 8 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو. خودڪش بمبار 12 ربيع الاول جي جلوس جي شروعات تي ان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.شهيد ڊي ايس پي نواز گشڪري حملي آور کي روڪيو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.شهيد ڊي ايس پي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه اباڻي علائقي ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو