مزاحمت يا مفاهمت جي سياسيت نه پر اصولن تي سياست ڪئي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته مزاحمت يا مفاهمت جي سياست نه پر اصولن تي سياست ڪئي آهي. هڪ انٽريو ۾ علي محمد خان چيو ته ساف ۽شفاف اليڪشن ٿئي ته عوام جنهن کي چاهيندو ان کي چونڊيندو. ملڪ هڪ وقت مشڪل ۾ آهي. مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو. اليڪشن جي هڪ نقطي تي سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي ويڙهه ادارن سان نه پر مهانگائي ۽ بيروزگاري سان آهي. پاڪستان جي مفاد لاءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهائڻو پوندو. جمهوريت ۽ملڪ لاءِ سڀ کان وڏي پارٽي سان ڳالهه ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اليڪشن کان بائيڪاٽ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي سگهي اسان تياري ڪري رهيا آهيون ته ٽڪٽنگ جي حوالي سان اسان جي تياري هلي رهي هئي ان کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو