ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عدالت تحريڪ انصاف جي سربراهه کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت مريم نواز ۽ گهرو وزري رانا ثناءُالله جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ايڊيسنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پي ٽي آئي جي سربراهه کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت مريم نواز ۽ رانا ثناءُالله جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي عدالت فيصلي ۾ چيو ته درخواست گذار کي پارٽي ليڊر پاران عدالت وڃڻ لاءِ اٿارٽي نه ڏني وئي سياستدان ۽ بيورو ڪريٽس ٽاڪ شو ۾ هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهائيندا رهن ٿا درخواست تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ڏينهون ڏينهن ڪيسن جو ٻوجهه وڌندو رهندو پي ٽي آئي جي ڪارڪن شوڪت علي ڀنڊ ايڊووڪيٽ درخواست داخل ڪئي هئي درخواست ۾ موقف ڏنو هو ته رانا ثناءُالله انٽرويو ۾ پي ٽي آئي سربراهه کي مارڻ يا مارائڻ جي ڳالهه ڪئي رانا ثناءُالله پنهنجي ليڊر مريم نواز جي حڪم تي عمل ڪري رهيو آهي.
