مريم جي ريفرنس رد ڪرڻ جي درخواست، رجسٽرار جا اعتراض

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. مريم نواز پاران داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته کيس هن ريفرنس ۾ سزا سياسي انجنيئرنگ ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙين جو هڪ شاندار مثال آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪردار نه جاچ آفيسر جو آهي ۽ نه ئي هڪ پراسيڪيوٽر جو، شريف خاندان خلاف ڪيسن تي متاثر ڪرڻ ارشد ملڪ جي وڊيو آهي. هن درخواست ۾ چيو ته احستاب عدالت جي جج جي نوٽيس ۾ هي حقيقتون ڇو نه آيون، ان جا ڪارڻ ان کي خبر هوندي. واضح رهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 11 سال ۽ سندس  ڌيءَ مريم نواز کي 8 سال جڏهن ته ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نيب شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ، عزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ بابت احتساب عدالت ۾ ٽي ريفرنس داخل ڪيا هئا. رجسٽرار ٻه اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪئي ته هن ۾ ڪو به نئون گرائونڊ يا اضافي دستاويز ناهي، هن متفرق درخواست وارو موقف مک درخواست ۾ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو