مردان (ويب ڊيسڪ)مردان ۾ 9 ۽ 10 مئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي پرتشدد احتجاج ۾ ملوث تعليم کاتي جي 6 ملازمن کي معطل ڪيو ويو آهي.تعليم کاتي موجب معطل ٿيلن ۾ 5 سرڪاري اسڪولن جا استاد ۽ هڪ چوکيدار به شامل آهي.تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته پرتشدد احتجاج جي سي سي ٽي فوٽيجز ۽ تصويرن مان لاڳاپيل ملازمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
