مراعتن وارو بل حڪمران بي حسي ظاهر ڪري ٿو: محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سينيٽ چيئرمين جي پگهار ۽ مراعاتن ۾ واڌ واري بل جي منظوري کي حڪمرانن جي بي حسي ۽ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ پاسي ملڪ قرضي،عام ماڻهو مهانگائي جي طوفان ۾ ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان ۽ وڏي انگ ۾ عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ته ٻي پاسي وري مراعات يافته اشرافيه پنهنجي عياشين لاءِ قانونسازي ڪري ظلم جون سڀئي حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. جماعت اسلامي ان ظالماڻي نظام ۽ ڪرپٽ اشرافيه کان نجات توڙي عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ“ دستڪ مُهم” هلائي رهي آهي ته جئين ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي، عوام “ اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان” لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوآدم ۾ مقامي اڳواڻن سان گڏ بازارن، اوطاقن ۽ گهٽين ۾ دستڪ مُهم ذريعي عوام سان رابطو ۽ اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪيون آهن، موجوده بجيٽ هيراڦيري کان سواءِ ڪجهه به ڪونه آهي، وياج ۽ قرضن جي معيشت ۾ عوام کي رليف نه ئي وري ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، هن وقت به ملڪ60 هزار ارب رپين جو قرضي آهي جڏهن ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ بدران وڌيڪ ٽيڪس لڳائي عام ماڻهن کان زنده رهڻ جو حق به ڦرڻ ٿي چاهي، سڄي ملڪ کي وياج جي لعنت ۽ آئي ايم ايف جي غلامي ۾ جڪڙيو ويو آهي، جماعت اسلامي ئي هاڻي هن قوم جي اُميدن جو آخري سهارو آهي، پاڪستان کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هاڻي قوم جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. هوڏانهن محمد حسين محنتي جماعت اسلامي ٽنڊوآدم جي اڳوڻي امير عبدالشڪور طور جي وفات تي سندس گهر وڃي وارثن سان تعزيت جڏهن ته موجوده امير عبدالستار انصاري جي جلد صحتيابي لاءِ دُعا پڻ ڪئي. هوڏانهن سنڌجي امير محمد حسين محنتي عمر ڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي قيام ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄو صوبو بدامني جي وَر چڙهيل آهي نه ڪنهن جي جان نه ئي مال محفوظ آهي، ايسيتائين جو ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل پوليس اهلڪارن کي هٿيارن سميت اغوا ڪري کڻي ٿا وڃن، بي امني ۽ ادارن جي ناڪامي خلاف ڪشمور ۾ عوام هڪ مهيني کان احتجاج ڪري رهي آهي، پر حڪمرانن جي ڪن تي جُون به نٿي سُري.ڪراچي ميئر جي چونڊ ۾ حڪومتي جماعت اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڪراچي جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪري انصاف ۽ جهموريت جو مذاق اڏايو، جماعت اسلامي ڪراچي سميت سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ عدالت،توڙي پُرامن جدوجهد جاري رکندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو