لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ مذهبي گروهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، پرتشدد احتجاجن ۾ ملوث گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن جو تعداد 3,400 تائين پهچي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ مذهبي گروهن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون ۾ گرفتارين جو تعداد 3,400 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته لاهور مان گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن جو تعداد 340 تائين پهچي ويو آهي، شيخوپوره ۾ 217، منڊي بهاءُ الدين ۾ 210، راولپنڊي ۾ 190، فيصل آباد ۾ 180، گوجرانوالا ۾ 160، سيالڪوٽ ۾ 150 ۽ اٽڪ ۾ 156 تشدد ڪندڙ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، پنجاب جي پوليس اسٽيشنن ۾ انهن شڪي ماڻهن خلاف 76 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان سڀ کان وڌيڪ 39 ڪيس لاهور ۾ داخل ٿيا. مظاهرين جي حملي ۾ 250 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس موجب، فهرستن مطابق اشتعال انگيز ۽ احتجاج ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جاري آهي، جڏهن ته فوٽيج جي مدد سان، سڌي طرح تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. جوابدارن کي اي، بي ۽ سي ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي ۽ گرفتار ڪيو ويو آهي،










