اسلام آباد (بيورو رپورٽ)هڪ مذهبي تنظيم جي احتجاج جي اعلان کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. مذهبي جماعت اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد جي داخلا تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جنهن جي ڪري شهري آمدورفت ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.موبائل ڊيٽا سروس جي اثر سبب شهري انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان کان علاوه راولپنڊي ۾ اڪثر خانگي تعليمي ادارن ۾ به موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.










