مديني جي رياست ٺاهيندڙ آيو ۽ معيشت تباهه ٿي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)جي يو آءِ ف جي امير مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته مديني رياست ٺاهڻ وارو آيو ۽ ملڪي معيشت 47هين نمبر تي اچي وئي. فيصل آباد ۾ ناموس رسالت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان چيو ته هاڻي چين ۽ سعودي عرب به چون ٿا ته جيڪڏهن ٻيهر ائين ٿيو ته اسان جو پئسو ٻڏي ويندو. هن چيو ته دهشتگردي جو مقصد عالمي سطح تي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو