مخصوص سيٽن تي فيصلو ٿيڻ تائين اجلاس غير قانوني هوندو:گوهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته مخصوص سيٽن تي فيصلو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس غير قانوني هوندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر علي چيو ته جيستائين مخصوص سيٽن جو فيصلو نه ٿيندو اسيمبلي جو اجلاس نه ٿو هلي سگهي، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو انصاف تي ٻڌل هوندو.هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي جا اجلاس به غير قانوني هئا، اليڪشن ڪميشن کي انهن معاملن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، سني اتحاد جي مخصوص سيٽن تي ڪنهن کي به حق ناهي.بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته اسان جا 86 ايم اين ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويا آهن، سني اتحاد ڪائونسل طرفان اليڪشن ڪميشن کي 4 درخواستون موڪليون ويون آهن، اميد آهي ته سڀاڻي فيصلو ٿي ويندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ 90 ۽ بلوچستان مان 7 ايم پي ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا، پنجاب ۾ 107 ايم پي ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو