مبشر لقمان خلاف فواد چوڌري پاران ڪاروائي جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور اينڪر پرسن مبشر لقمان کي چماٽ هڻڻ واري معاملي جو پڙاڏو پارليمان ۾ به ٻڌڻ ۾ آيو جڏهن فواد چوڌري چيو ته اسانجا گهر ٻار آهن عزت وارا آهيون، پنج پنج لک ووٽ کڻي آيا آهيون ۽ ڪجهه ميڊيا وارا يوٽيوب چينلز تي ريٽنگ وڌائڻ لاءِ اسانجون پڳڙيون لاٿيون پيون وڃن. هن اسپيڪر کي چيو ته ايوان ڪميٽي قائم ڪري سياستدانن جي ڪردار ڪشي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري. هن چيو ته فوج خلاف ڪير ڳالهائي ٿو ته هو پاڻ ڪاروائي ڪن ٿا، عدليه خلاف ڪير ڳالهائي ٿو ته توهين عدالت جي ڪاروائي ٿئي ٿي ڇا سياستدان پنهنجي عزت چوڪ تي رکي ٿا اچن. جنهن تي مسلم ليگ (ن) جي خواجه آصف چيو ته وزير موصوف پنهنجي پوکيل پوک پيو لڻي، هو سڀني سان بدتميزي ڪندو هو. ان کان اڳ مبشر لقمان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ ماڊل ٽائون ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائي هئي. ٻنهي ۾ محسن لغاري جي پٽ جي وليمي ۾ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پاران وزير جي قابل اعتراض ويڊيو جي ذڪر تي جهڳڙو ٿيو هو ۽ وفاقي وزير مبشر لقمان کي چماٽ هنئي هئي. درخواست ۾ مبشر لقمان چيو آهي ته هو پنهنجي دوستن سان ڳالهائي رهيو هو ته وفاقي وزير جي 10 کان 12 غنڊن مٿس حملو ڪيو. هن چيو ته شادي ۾ پنجاب جو وڏو وزير، گورنر ۽ جهانگير ترين سميت اهم شخصيتون شريڪ هيون جن جي موجودگي ۾ مٿس حملو ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مبشر لقمان پنهنجي ٽاڪ شو “کرا سچ” ۾ انڪشاف ڪيو هو ته حريم شاهه جلد فواد چوڌري سميت ڪجهه وزيرن جا قابل اعتراض ويڊيو جاري ڪرڻ واري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو