لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ عوام ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيندڙ 2 ٽڪ ٽاڪرن کي گرفتار ڪيو ويو.سي آءِ اي پوليس جي ترجمان چيو آهي ته جوابدار ٽڪ ٽاڪ تي هٿيارن سان وڊيو ٺاهي ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيندا هئا.ان حوالي سان ڊي ايس پي محمد علي بٽ جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان 7 پستول ۽ سئو گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.
