ماڙي پيٽروليم پاران گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ماڙي پيٽروليم ملڪ ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ماڙي پيٽروليم جي ترجمان چيو ته اتر وزيرستان ۾ قدرتي گئس جا ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن.اعلان ۾ چيو ويو آهي ته شروعاتي طور تي روزانو 6 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس حاصل ڪئي ويندي. ماڙي پيٽروليم جي اعلان موجب گيس جي کوهه جي کوٽائي 2 جون 2023ع تي شروع ڪئي وئي هئي.بيان ۾ ماري پيٽروليم چيو آهي ته کوهه جي کوٽائي 4577 ميٽرن تائين ڪئي وئي. ماڙي پيٽروليم جي بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نئين دريافت سان ملڪ جي گئس جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو