ماني ڳڀي لاءِ ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ نه ڏيندس: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوريءَ غريبن ۾ راشن جي فراهمي وارو سلسلو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي کاڌي پيتي جي شين لاءِ بنيادي مسئلن ۾ ڦاٿل نٿو ڏسڻ چاهيان، ٻن ويلن جي ماني لاءِ ماڻهن کي خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن. هن چيو ته پاڪستان ان لاءِ نه ٺهيو هو ته ماڻهو هتي بک مري وڃن، عوامي گورنر جو لقب ڏيڻ وارن شهرين لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪندو رهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو