مال خاني مان چوري ڪندڙ اي ايس آءِ گرفتار، جيل حوالي

دڙو (ن سنڌ يار) پوليس پاران پڪڙيل منشيات جيڪا مال خان ۾ رکيل آهي، اها ڪجهه اهلڪارن وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. اي ايس آئي گلزار علي پتافي رات دير سان ٿاڻي جي مال خاني ۾ رکيل 20 ڪٽا سوپاري کي ڳجهه ڳوھ ۾ ڪڍرائي شھر اندر وڪرو ڪرڻ لاء وڃي رھيو ھو. ته فوري اطلاع تي ڊي ايس پي ميرپوربٺورو سڪندر ڀٽي ۽ ايس ايڇ او دڙو گلزار لغاري پوليس اٽالن کي ساڻ ڪري ڇاپو ھڻي ٿاڻي جي سرڪاري پراپرٽي مان نڪتل منشيات ۾ ڪتب ايندڙ سوپاري کي برآمد ڪري ملوث اي ايس آئي کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي ڊي ايس پي سڪندر ڀٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته دڙو پوليس جو ايس ايڇ او محرالحرام جي نڪرندڙ قافلن ۽ امام بارگاره جي ٿيندڙ مجلس واري ڊيوٽي تي مقرر ھو. ته ان دوُران ٿاڻي تي موجود اي ايس آئي گلزار پتافي ڳجهه ڳوھ ۾ ٿاڻي جي مال خاني ۾ پيل سرڪاري پراپرٽي گٽڪا سوپاري کي کڻائي شھر ۾ ڪنھن مال خور وٽ وڪرو ڪرڻ لاء وڃي رھيو ھو ته خفيه اطلاع تي کيس مال سميت سوگھو ڪيو ويو آھي. ان ڏس ۾ ايس پي سجاول جي ھدايتن تي معاملي جي وڌيڪ جانچ ھلندڙ آھي. ھوڏانھن دڙو پوليس جي سب انسپڪٽر غلام شبير شيخ جي فرياد تي گرفتار اي ايس آئي گلزار پتافي خلاف گناھ نمبر 64/2020  قلم 409 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪري کيس برآمد ٿيل 158 ڪلو گٽڪا سوپاري سميت سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ميرپوربٺورو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جنھن کانپوء عدالت کيس ستن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو