مالي سال لاءِ قومي ترقياتي بجيٽ 2458 ارب رپيا رکڻ جي تجويز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال لاءِ قومي ترقياتي بجيٽ 2458 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.دستاويز موجب وفاقي ترقياتي بجيٽ 900 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1558 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. دستاويز موجب وفاقي وزارتن جي ترقياتي بجيٽ 359 ارب رپيا آهي، ڪارپوريشنز لاءِ 141 ارب رپيا جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي خاص علائقن لاءِ 55 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ تجويز ڪئي وئي آهي.دستاويز موجب ڪي پي ۾ ضم ٿيل علائقن لاءِ 55 ارب رپيا، ايس ڊي جيز جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 90 ارب رپيا، پاڪستان ڊولپمينٽ فنڊ لاءِ 100 ارب رپيا ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي 100 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جي تجويز آهي.ان کان علاوه پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 426 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي جيڪا صرف جولاءِ کان آڪٽوبر تائين چئن مهينن لاءِ آهي.سنڌ جي ترقياتي بجيٽ 617 ارب، ڪي پي ڪي جي ترقياتي بجيٽ 268 ارب ۽ بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ 248 ارب رکڻ جي تجويز آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو