مالاڪنڊ: (ويب ڊيسڪ) مالاڪنڊ ۾ گهريلو جهيڙي تي مڙس فائرنگ ڪري زال ۽ سُهري سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو مالاڪنڊ جي علائقي ڊهيري جولگرام ڪنڊ ۾ پيش آيو جتي جوابدار جي فائرنگ سبب انهي جي گهر واري ۽ سُهري سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو.پوليس موجب واقعو گهريلو تڪرار تان پيش آيو. جوابدار سُهري جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ انهي جي گهر واري ۽ سُهري سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جي لاش کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي ڳولا لاءِ ڇاپامار ڪارروايون جاري آهن.










