ڪراچي) اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه اڄ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي علي هائوس ڪراچي ۾ مختلف وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته هن توانائي کاتي جي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ڪوئلي جي کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ سمورا مزدور ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، سموريون لاڳاپيل ڪمپنيون مائنز ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي جان جي حفاظت کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪوئلي جي کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حفاظت لاءِ جديد تقاضائن مطابق سيفٽي انتظام ڪيا وڃن، مزدورن کي جديد سيفٽي ڪٽس فراهم ڪيون وڃن، ڪوئلي جو ڪم ڪندڙ مزدورن جي صحت لاءِ ڊسپينسريز ۽ صحت جي عملي کي فعال رکيو وڃي. ناصر حسين شاهه چيو ته ايمرجنسي لاءِ ايمبولنسز کي به تيار پوزيشن ۾ رکيو وڃي، پورهيتن جي جانين جي تحفظ جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مزدورن جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مزدور طبقو ڪنهن به ملڪ يا سماج جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. اڄوڪو ڏينهن مزدورن ۽ انهن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن ۽ هارين جي جماعت آهي ۽ هميشه هنن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، پيپلز پارٽي مزدورن جي ڀلائي ۽ انهن جي انقلابي جدوجهد جي ڪاميابي تي يقين رکي ٿي. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه مزدورن ۽ پورهيت طبقي جي بحاليءَ ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ قدم کڻندي رهي آهي، سنڌ حڪومت مزدورن جي وڌيڪ بهتري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مزدورن جي جدوجهد ۾ هنن سان گڏ رهندي. مزدورن جو قومي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، مزدور نيڪ نيتي ۽ ايمانداري جي شاندار روايتن جا امين آهن. هن چيو ته حڪومت مزدورن جي حقن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي ترقي مزدور جي خوشحالي ۾ ئي سمايل آهي.










