ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي جي اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان 15 مارچ کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان 15 اپريل کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، مئٽرڪ جي امتحانن جا نتيجا 15 جولائي ۽ انٽر جا نتيجا15 آگسٽ تي پڌرا ڪيا ويندا، سنڌ جي اسڪولن ۾ تعليمي سال 26-2025ع پهرين اپريل کان شروع ڪيو ويندو.ڪاليجز ۾ نئون تعليمي سال پهرين آگسٽ 2025ع ۾ شروع ٿيندو، سياري ۽ گرمين جي موڪلن وارو شيڊيول پراڻو ئي برقرار رهندو سياري جون موڪلون 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ٿينديون اونهاري جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولائي تائين ٿينديون.










