لڪي مروت ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جو حملو ناڪام

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت جي غزني خيل پوليس اسٽيشن تي شدت پسندن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو،ڊي پي او طارق حبيب موجب دهشتگردن پوليس اسٽيشن تي راڪيٽ لانچرن ۽ وڏي هٿيارن سان فائرنگ ڪئي.طارق حبيب جو چوڻ آهي ته پوليس سان سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا. ڊي پي او چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن، هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو