لڄ لُٽيندڙ جوابدار گرفتار ڪيو، عورت جي وارثن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو (ن س) مصطفيٰ آباد جي رھواسڻ نوجوان عورت مسمات حليمه ملڪ کي نيم بيھوشي واري حالت ۾ سندس وارث مڙس شاھنواز ملڪ ۽ ڀيڻ نجمه کڻائي ميرپورماٿيلو ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو پھچي احتجاج ڪندي الزام ھنيو آھي ته مسمات حليمه ملڪ کي مھينو اڳ جوابدارن ڪرم شاھ، رضاشاھ، نذير ملڪ گھر ۾ داخل ٿي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي جيڪو ڪيس ڏھرڪي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي انھي ڪيس جي سلسلي ۾ مسمات حليمہ گذريل ڏينھن سيشن ڪورٽ گھوٽڪي حاضري کان واپس اچي رھي ھئي ته ساڳيا ئي جوابدار کين رستي مان اغوا ڪري زبردستي لڄالٽ ڪرڻ بعد بيھوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا آھن ۽ ڪيس تان ھٿ کڻڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آھن. ھنن وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو