ميرپورماٿيلو (ظھير وسير) لنڊ بوزدار تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سردار رحيم بخش خان بوزدار ڳوٺ صاحب لنڊ پهچي لنڊ سردار فياض احمد خان سان ملاقات ڪري ٻنهي ڌرين وچ ۾ قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته ٻنهي برادرين ۾ نفرتون ختم ڪرڻ لاءِ هلندڙ قبيلائي تڪرار جو نبيرو ڪرڻ گهرون ٿا ان ڪري اوهان وٽ لنگهي آيو آھيان. سردار رحيم بخش خان بوزدار جي لنگهي اچڻ تي لنڊ سردار فياض احمد خان لنڊ به فيصلي لاءِ آمده ٿيو. فياض احمد خان لنڊ رحيم بخش خان بوزدار کان مهلت گهرندي چيو ته هڪ هفتي جي مهلت ڏيو لنڊ برادري ماڻھن کي گهرائي صلاح مشورا ڪرڻ بعد اوهان کي فيصلي جي تاريخ ڏينداسين. لنڊ بوزدار جي قبيلي ۾ هلندڙ قبيلائي تڪرار جي فيصلي تي ٻنهي برادري جي ماڻھن ۾ راضي ٿيڻ جي خبر تي علائقي جي ماڻھن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آھي. ياد رهي ته 6 سال اڳ لنڊ بوزدار برادري وچ ۾ خوني تڪرار شروع ٿيو هو جنهن ۾ هڪ بوزدار 2 لنڊ ۽ هڪ ملڪ برادري جو ماڻھو قتل ٿي چڪا آهن.










