ليا ۾ مسافر وين حادثي جو شڪار ، 7 ڄڻا فوت

ليه (ويب ڊيسڪ)ليه ۾ تيز رفتار مسافر وين جو ٽرڪ سان ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا 7 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب حادثو ليه جي تعلقي چوبارا جي اڊا حافظ آباد ۾ پيش آيو.امدادي ٽيمن فوري ڪارروائي ڪندي لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.ذريعن موجب مسافر وين ڀڪر کان ميان صاحب وڃي رهي هئي ته سندس ٽائي راڊ ڪٽجي ويو ۽ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو