لواري شريف (ن س )لواري شريف ڀرسان نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. ڇنڇر ڏينهن ڳوٺ روشن آباد واسي 13 ورهين جو فرحان جوڻيجو هوٽل لاءِ کير کڻي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو. صبح جو ڪامورو شاخ جي ڪپ تان نينگر جو لاش مليو آهي. اطلاع ملڻ بعد بدين پوليس ۽ وارث واقعي واري هنڌ پهتا. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد ڳلي ۾ اڳٺ ٻڌي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










