لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارڙو اسپتال منتقل ٿيڻ کان اڳ ئي فوت

لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارڙو اسپتال منتقل ٿيڻ کان اڳ ئي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلستان جوهر بلاڪ 19 ۾ رهائشي عمارت جي لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارڙي کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو پر اسپتال منتقل ڪرڻ کان اڳ ئي ٻارڙي فوت ٿي ويو.اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارڙي کي سخت زخمي حالت ۾ لفٽ مان ٻاهر ڪڍيو،ٻارڙي کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويل ٻارڙي جي سڃاڻپ ڪريم طور ٿي آهي، جنهن جي عمر 10 کان 12 سال آهي.اکين ڏٺن شاهدن موجب جيئن ئي هو لفٽ ۾ سوار ٿيو ته اوچتو گرائونڊ فلور تي موجود ٻه ٻار تيزيءَ سان لفٽ جي اندر آيا ۽ لفٽ شروع ٿي وئي.هن هڪ ٻار کي هٿ سان لفافي ۾ ڇڪيو پر ٻيو ٻار لفٽ جي دروازي ۾ ڦاسي پيو، هن لفٽ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر لفٽ بند نه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو