لاڪ ڊائون جو نقصان غريب طبقي کي ٿيو آهي،وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لاڪ ڊائون سبب سڀني کان وڌيڪ نقصان غريب طبقي کي  ٿيندو آهي. قوم کي اپيل آهي ته ماسڪ پائي ۽ سماجي وٿي تي عمل ڪري.پاڪستان ۾ ڪيسز تيزي سان مٿي نه پيا وڃن جيڪا خوشي جوڳي ڳالهه آهي. وزيراعظم عمران خان عوام سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪورونا جي پهرين ۽ ٻئي لهر ۾ قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو. ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ آهي. عيد موڪلن ۾ سخت احتياط جي ضرورت آهي. ڀارت ۾ ماڻهو روڊن تي مري رهيا آهن، آڪسيجن جي کوٽ آهي، ڀارت ۾ 22 ڪروڙ ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.ٽئين لهر ۾ ڀارت جون حالتون سڀني جي سامهون آهن. عمران خان چيو ته لاڪ ڊائون سبب سڀني کان وڌيڪ نقصان غريب طبقو کي ٿيو آهي. قوم کي اپيل آهي ته ماسڪ پائي ۽ سماجي وٿي تي عمل ڪري. وزيراعظم چيو ته مان پاڪستان سان گڏوگڏ وڏو ٿيو آهيان ڪرڪيٽ سبب سموري دنيا ڏٺي ۽ اتان جو سسٽم ڏٺو دنيا جي تاريخ آهي ته جيڪا قوم مٿي وئي اها قانون جي بالادستي سبب مٿي وئي. بهترين معاشري ۾ قانون غريب کي تحفظ ڏيندو آهي. مديني جي رياست ان لاءِ عظيم بڻي   ڇو ته ان ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر هو.سائيڪل، مينهن يا ڳئون چوري ڪرڻ سان ملڪ تباهه ناهي ٿيندو. هر سال غريب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر چوري ٿي امير ملڪن ۾ ويندو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ جسٽس  منير جي هڪ فيصلي سان انصاف جو نظام متاثر ٿيو. جسٽس منير طاقتور جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو. نوازشريف جي دور ۾ سپريم ڪورٽ تي ڏنڊن سان حملو ڪيو ويو ۽ ججز صاحب بچڻ جي لاءِ ڀڄندا رهيا. پاڪستان ۾ انصاف جو نظا م قائم ڪرڻ کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ انصاف جو نظام قائم ڪرڻ کان سواءِ ترقي نٿا ڪري سگهون. شوگر سميت ٻيون مافيائون نٿيون چاهين ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿئي. مافيا جو مقابلو ڪري کٽي ڏيکارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو