پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ رشتيداري جي معاملي تان پئ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيوڳوٺ محمد پريل بروهي ۾ پئ دلي جان بروهي پنهنجي 14 ورھين جي نياڻي خير بيبي بروهي کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته رشتي ڌاري جي معاملي تان پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، جن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو