لاپته شهري بازياب نه ٿيو ته وزيراعظم کي گهرائبو. عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، اسلام آباد پوليس ناڪام ٿي وئي آهي ته ڇا جاچ لاءِ سنڌ پوليس کي لکون؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج محسن اختر ڪياني طرفان کنڀجي ويل شهري عبدالقدوس جي عدم بازيابي تي ڪاوڙ جو اظهار، وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ۽ گهرو سيڪريٽري 16 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب، عدالت اٽارني جنرل کي به طلب ڪندي چيو آهي ته اکيون بند ڪرڻ سان معاملا ٺيڪ نه ٿيندا، ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع نه ڪرايو ويو ته وزيراعظم کي عدالت گهرايو ويندو، جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته گرين نمبر پليٽس وارين گاڏين ذريعي شهري اغوا ٿي رهيا آهن، ڪڏهن ڪنهن پوليس واري ڪنهن ايجنسي خلاف ناهي لکيو ۽ نه ئي جوابدار ڄاڻايو.  ايس پي انويسٽيگيشن چيو ته 50 ماڻهو لاپته آهن جن لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. قدوس جي اغوا جي ايف آءِ آر جنوري 2020 ۾ داخل ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو