لاپتا بلوچ شاگرد بازياب ڪريو يا وزيراعظم پيش ٿئي، عدالت

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ جبري طور لاپتا ڪيل55 بلوچ شاگردن جي فوري بازيابي جو حڪم ڏيندي ڪيس 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ حاضري تائين گم ٿيل شاگرد بازياب نه ٿيا ته 29 نومبر تي وزيراعظم پيش ٿي جواب ڏي. جبر طور گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ جوڙيل عملدرآمد ڪميشن جي رپورٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گهمن پيش ٿيو ۽ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي عدالت ناراضگي ظاهر ڪندي واپس ڪري ڇڏي. جسٽس ڪياني چيو ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير ٻئي بلوچستان جا آهن انهن کي لاپتا شاگردن جي بازيابي لاءِ همدرد هجڻ گهرجي. اسسٽنٽ اٽارني جنرل ، وزيراعظم کي طلب نه ڪرن جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت رد ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال کي طلب ڪندي عدالتي ڪاروائي ۾ وقفو ڪيو. عدالت چيو ته هي ڪميشن عدالتي حڪم تي 2011 ۾ ٺهي هئي ۽ هي ڪيس اڳ ۾ ت_هوڪو چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌو هو. گزريل سال سيپٽمبر ۾ ان وقت جو وزيراعظم شهباز شريف به پيش ٿيو هو پر ڪا خاص پيشرفت نه ٿي آهي. عدالت چيو ته هي اسانجا ٻچا آهن، انهن کي فوري بازياب ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم 29 تي پيش ٿي جواب ڏي. عدالت چيو ته 21هين حاضري آهي پر اڃا ڪا خاطر خواه اڳڀرائي ناهي ٿي، اها رياست جي ذميواري آهي ته هو شهرين کي ڳولي گهرن تائين پهچائي. عدالت سوال ڪيو ته ڇا اسين هي معاملو گڏيل قومن کي موڪلي پنهنجي ملڪ جي توهين ڪريون؟

پهنجو تبصرو موڪليو