لاهور: ڊرون ذريعي منشيات اسمگلنگ ڪندڙ هڪ ٻيو گروهه گرفتار

لاهور)ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڊرون اسمگلنگ ڪندڙ هڪ ٻئي گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب اينٽي نارڪوٽڪس فورس پنجاب رينجرز سان گڏجي بدين چيڪ پوسٽ لاهور وٽ گڏيل ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران لاهور ۽ خانيوال جي رهواسين 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري 2 گاڏين مان 6 ڪلو هيروئن ۽ هڪ ڊرون هٿ ڪيو ويو.ترجمان چيو ته اي اين ايف ۽ رينجرز 5 مختلف ڪاررواين دوران 183 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪري 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ترجمان موجب 5 موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو هڪ گاڏي مان 26 ڪلو 400 گرام آفيم ۽ 12 ڪلو برف هٿ ڪئي وئي، جنهن دوران مردان ۽ ڪشمير جي رهواسين جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان موجب اٽڪ جي مديني چوڪ وٽ رڪشا مان 27 ڪلو 600 گرام چرس هٿ ڪئي وئي، جوابدار رڪشا جي ڳجهن ڪنڊن ۾ لڪائي منشيات اسمگل ڪري رهيو هو.ڪراچي جي علائقي ملير ۾ هڪ گاڏي مان 100 ڪلو 800 گرام چرس ۽ 30 بور پستول هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.ڪوئيٽا جي سونا خان چوڪ وٽ اي اين ايف ڪارروائي ڪندي جيپ مان 11 ڪلو چرس هٿ ڪئي، جوابدار مستونگ جو رهواسي هو، جنهن کي منشيات ڪوئيٽا اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو