لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب بدترين سموگ ۾ ٻڏل رهيو، لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر هوائي آلودگي ۾ دنيا ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو، لاهور جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 379 تائين پهچي ويو، لاهور جي لوئر مال علائقي ۾ AQI 743، گوجرانوالا 280، ملتان جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 210، سيالڪوٽ 184، فيصل آباد 251، پشاور جو AQI 196 رڪارڊ ڪيو ويو، پنجاب حڪومت ۽ ماحوليات کاتي آپريشن تيز ڪري ڇڏيا، ڪيترن ئي آلودگي ڪندڙ صنعتي يونٽن کي ڊاهي ڇڏيو ۽ ڪارخانن کي سيل ڪيو، 41 جديد ايئر ڪوالٽي مانيٽرنگ سسٽم کي چالو ڪيو، ڊرون اسڪواڊ مقرر ڪيا، ۽ سموگ فري زون قائم ڪيا، پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته صاف هوا هر شهري جو حق آهي، حڪومت پائيدار قدمن ذريعي سموگ کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.ياد رهي ته موسميات کاتي سڀاڻي کان لاهور ۾ ڪڪر واري موسم جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري سموگ ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.










