لاهور سميت پنجاب ۾ برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات کان پوءِ گرمي ۽ حبس جو زور ٽٽي ويو. برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.صوبائي گادي واري شهر لاهور جي مختلف علائقن لڪشمي چوڪ، ايبٽ روڊ، گلبرگ، جيل روڊ، گارڊن ٽائون ۽ ڪاهنه ۾ تيز برسات سبب پاڻي بيهي رهيو. چورنگي، امر سدهو، قينچي، تاجپور، والٽن، فيروز پور روڊ، ريلوي اسٽيشن، شاهدره، اچهره ۾ به برسات جا وسڪارا پيا.رات دير سان شروع ٿيندڙ تيز برسات سبب شهر جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب علائقي جي رهواسين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. برسات کان پوءِ ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا جنهن جي ڪري شهرين کي سڄي رات اونداهي ۾ گذارڻي پئي.ٻئي پاسي ڪاهنه، اوڪاڙه، ديپالپور ،ننڪانه صاحب، بهاوالپور، گوجرانوالا قصور، شيخوپوره، پتوڪي، ساهيوال، ڪامونڪي، ميانوالي، منڊي بهاءُالدين نارووال ۽ پسرور سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به برسات پئي.پي ڊي ايم اي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته اوڀر کان هوائن ذريعي بلوچستان ۾ برسات جو نئون سسٽم داخل ٿيندو. صوبي جي اوڀرين، اترين ۽ وچولن ضلعن ۾ اڄ برسات پوندي. زوب، بارکهان، سبي، خضدار، قلات، لسبيله ۽ آواران ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب برساتن جو اهو سلسلو 20 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. تيز برسات سبب ڪچن گهرن، بجلي جي ٿنڀن ۽ سولر پينلز کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو