لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ فوج مقرر

لاهور )ويب ڊيسڪ)8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي پرامن بڻائڻ لاءِ لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي مقرري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي چونڊن واري ڏينهن سڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ لاءِ لاهور، قصور ۽ شيخوپوره ۾ فوج مقرر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته منڊي بهاءُ الدين ۽ چکوال ۾ سڀاڻي تائين فوج مقرر ڪئي ويندي.پنجاب جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي تائين جهلم، سرگوڌا، جهنگ، فيصل آباد، ملتان ۽ ٻين ضلعن ۾ فوج مقرر ڪئي ويندي، ان حوالي سان سمورن ضلعن جا اختيار پاڪ فوج سان رابطي ۾ آهن.صوبائي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ پهرين ترجيح آهي جنهن لاءِ چونڊن بابت سمورن انتظامن جو بغور جائزو ورتو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو