اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قيمتن ۾ واڌ باوجود ملڪ ۾ زندگي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب مريضن ۽ سندن گهرڀاتين کي وڌيڪ تڪليفون پيش اچي رهيون آهن.مارڪيٽ ۾ مرغي جي خلاف دوا ڪاربامازپائن جو ڪوبه برانڊ موجود ناهي ۽ نه ئي خودڪشي مخالف دوا ليٿيم ڪاربونيٽ مارڪيٽ ۾ موجود آهي.شريانن ۾ رت جي ٺڪائن کي روڪڻ لاءِ انجيڪشن موجود ناهي، فالج ۽ دل جي دوري کان بچڻ لاءِ انجيڪشن اسٽريپٽوڪائنيز به موجود ناهي، رت کي پتلي ڪندڙ هيپرين به ملڪ ۾ گهڻي عرصي کان موجود ناهي.ان کان علاوه اسپتالن ۾ مريضن جي علاج لاءِ 10 اهم ترين دوائون به ملڪ ۾ موجود نه آهن.ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ڪجهه دوائن جي عدم دستيابي جو اعتراف ڪيو آهي. ڊريپ عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪي دوائون دستياب نه آهن، ادارا ۽ فرد پرڏيهه مان درآمد ڪري سگهن ٿا، سڄي دنيا ۾ دوائن جي کوٽ آهي، فراهمي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
