قيادت کي خبر ھئي تھ عمران اناڙي آھي،بشير ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ چيو آهي ته اسان جي قيادت کي پڪ هئي ته پي ٽي آءِ جو باني اناڙي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته اسان جي قيادت ميثاق معيشت تي ڳالهائڻ لاءِ چيو، تحريڪ انصاف ان کي اين آر او سمجھيو،بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کليل آهن، پنجاب اسيمبلي ۾ ڪنهن وزير سان هٿ ملايو ته پي ٽي آءِ ميمبرن کيس گاريون ڏنيون،هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو مينڊيٽ آهي، هو ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪم ڪري رهي آهي، بهتري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو