قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ملڪ رياض خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ)ملڪ رياض ۽ آصف زرداري ڳٺ جوڙ تحت 16 ھزار ڪنال سنڌ جي زمين تي ٺھيل بحريا ٽائون طرفان سوين سنڌي ڳوٺن فيض محمدگبول   نور محمد  گبول عبداللھ گبول ۽ ٻين ڳوٺاڻن کي ھيسائي سندن ماڻھن کي زخمي ۽ پنھنجا گھر ۽ ڳوٺ ڊاھڻ ۽ بحريا کي پنھنجي حدن ۾ نـ رھڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر  ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان  عوامي ھائوس کان سجاد احمد بروھي جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو .جنھن  وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.اڳواڻن مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي سامراج سنڌ جي سامونڊي پٽي  ۽ ڪراجي تي ميري نظر ۽ قبضو ڪرڻ چاھي ٿو .سنڌ جا ماڻھون ھن صورتحال کي نازڪ سمجھو زرداري ليگ سنڌ اقتدار عيوض وڪڻي ڏني آھي.ھنن سنڌ جي ماڻھن کي اپيل ڪندي چيو ته اچو گڏجي  سنڌ دشمن منصوبن  ۽ بحريا جي يلغار سنڌ تي قبضي خلاف اٿي کڙا ٿيون ۽ انھن کي پيغام ڏيون تـ سنڌ پنھنجا حق وٺي ڏيکاريندي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو