قومي شاهراهه تي حادثو، 3 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي

مورو (اياز سولنگي) قومي شاهراھ تي طارق پيٽرول پمپ وٽ ماڻھن سان ڀريل رڪشا ۽ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 3 عورتن ۽ هڪ نينگري سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور مورو اسپتال آندو ويو. زخمين ۾ محمد اقبال پنجابي، ڪلثوم ولد پرويز چانڊيو ۽ ٽي عورتون شامل آھن جن مان هڪ نينگري ۽ هڪ مرد اقبال پنجابي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن کي نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي زخمين مان هڪ عورت ٻڌايو ته رڪشا ۾ سوار ٿي شاهپورجهانيان کان مورو طرف اچي رهيا هئاسين ته قومي شاهراھ نزد طارق پيٽرول پمپ وٽ اهڙو حادثو پيش آيو جنهن ۾ ڪار جي ٽڪر کان پوءِ ڪري زخمي ٿي پياسين ته ٻي ڪار پڻ ٽڪر هنيو. ٻئي طرف مورو پوليس ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو