قومي سلامتيءَ بابت ٽرمپ جي چوٿين مشير به استيعفيٰ ڏئي ڇڏي

واشنگٽن (ڊيسڪ نيوز) آمريڪا جي قومي سلامتيءَ بابت ڪم ڪندڙ اداري جي سربراهه ڪيون مِڪ استيعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي خبر مطابق آمريڪا جي قومي سلامتيءَ بابت صدر جي مشير مقرريءَ جي 6 مهينن کانپوءِ استيعفيٰ ڏني. صدر ٽرمپ هن جي استيعفيٰ جي تصديق ڪندي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته هن ڪيترا ئي سال حڪومت جو ساٿ ڏنو پر هاڻي ڪيون ِڪ پنهنجي خاندان کي گهڻو وقت ڏيڻ چاهي ٿو ۽ نجي شعبي ۾ نوڪري ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن ته قومي سلامتيءَ بابت نئين مشير جي مقرري ايندڙ هفتي ڪئي ويندي. واضح رهي ته ٽرمپ جي دور ۾ هن کان پهريان وارن قومي سلامتيءَ جي ٽنهي مشيرن ه استيعفيٰ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو