قومن جي زندگيءَ ۾ حادثا ايندا آهن: انوارالحق

مظفر آباد )ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته قومن جي زندگيءَ ۾ حادثا ٿيندا آهن، زنده قومون پنهنجي اخلاقيات جي بنياد تي تعمير ٿينديون آهن.مظفر آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ 52 ارب رپين جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻيلن کي ڪٽڻ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ آفتن کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ 8 آڪٽوبر 2005ع تي آيل 7.6 شدت جي زلزلي کي 18 سال گذري ويا آهن. 8 آڪٽوبر جي زلزلي سبب آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جا ڪجهه علائقا سخت متاثر ٿيا هئا. هن زلزلي سبب 3 لک ماڻهو بي گهر ٿيا هئا، زلزلي سبب 88 هزارن جي فوتگين جو ابتدائي تخمينو سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو