قلات ۾ 4 ڀارتي پراڪسي دهشتگرد مارجي ويا

قلات ۾ 4 ڀارتي پراڪسي دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فتنه الهندوستان سان لاڳاپيل 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز کي بلوچستان جي علائقي قلات ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع مليو، جنهن بعد آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر مطابق، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر نموني سان نشانو بڻايو، جڏهن ته علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو