قلات: (ويب ڊيسڪ) قلات جي علائقي ڪلي پندراڻي ۾ هڪ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار روڊ تي دستي بم اڇلايو ۽ فرار ٿي ويو.دستي بم ڌماڪي ۾ چار مسافر سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي ۽ فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










