لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي خاتمي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏيندي چيو ته دونھون خارج ڪندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جي ضرورت آهي.هن چيو ته رڪشا بابت به پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، موٽر سائيڪلون به آلودگي پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، حڪومت سپر سيڊ تي سبسڊي ڏني آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ تي به سبسڊي جي ضرورت آهي.ايل ڊي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لاهور جي 19 انڊر پاسن بابت انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، انڊر پاسن مان ايل اي ڊي لائيٽون چوري ڪيون ويون آهن، پي ايڇ اي هر انڊر پاس جي مانيٽرنگ ڪندي ته جيئن ٻيهر ائين نه ٿئي.جسٽس شاهد ڪريم هدايت ڪئي ته توهان مختلف کاتن سان گڏجاڻيون ڪري رپورٽ پيش ڪريو، قصور جي ٽينرن جي خراب پاڻي سبب شهري بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. قصور ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارڙا به موذي مرضن ۾ مبتلا آهن، ڪمشنر لاهور کي گهرجي ته فوري طور قصور جي ٽينرن جي ريفلٽر پلانٽ بابت قدم کڻي.عدالت سموگ جي خاتمي واري درخواست تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










