قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي عمر قيد ۽ لک لک ڏنڊ

نوشھروفيروز(مشتاق حسين مري) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن کي عمر قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رھي ته اٺ سال اڳ فريادي غلام عباس ملاح ڀرياسٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته اسان پنهنجي ڳوٺ غلام حيدر ملاح ۾ رات جي وقت ستا پيا ھئاسين ته جوبدار حبيب اللّه ملاح، بھادر ملاح، رميز ملاح، يوسف ملاح ۽ ڪريم بخش ملاح جيڪي ھٿيارن سان ليس ھيا گهر ۾ داخل ٿي اسان تي ڪنٽرول ڪري ويا ۽ جوابدار حبيب اللّه ديسي پستول سان سڌو فائر ڪري منهنجي سوٽ سڪندر علي ملاح کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻين جوابدارن هوائي فائرنگ ڪئي ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ فريادي جي وڪيل پرويز علي خاصخيلي ۽ جوابدارن جي وڪيل اياز علي مري پنهنجا دليل ڏنا. عدالت دليل ٻڌڻ بعد 4  جوابدارن حبيب الله، بهادر، رميز ۽ يوسف ملاح تي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ھڪ ھڪ لک روپيه ڏنڍ جي سز ڏئي ڇڏي واضح رهي ته ساڳئي ڪيس ۾ ھڪ جوابدار ڪريم بخش ملاح روپوش آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو