قتل جو ڏوهه ثابت، ٻن جوابدارن کي عمر قيد

گهوٽڪي(ن سنڌ يار) گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن فاروق احمد عارباڻي ۽ ڌڻي بخش عارباڻي کي عمر قيد ۽ 10لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت ۾ مقتول مير علي عارباڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران فريادي جي وڪيل عبيدالله گهوٽو ۽ جوابدارن جو وڪيل پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد مير علي عارباڻي جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي فاروق احمد عارباڻي ۽ ڌڻي بخش عارباڻي کي عمر قيد ۽ 5.5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، واضح رهي ته سال 2020 ۾ گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڄاڻايل جوابدارن ميرعلي عارباڻي کي قتل ڪيو هو جنهن جو قتل ڪيس ڄاڻايل جوابدارن مٿان مقتول جي ڀاءُ سهڻو عارباڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو