قائد جو جنم ڏهاڙو،گارڊز تبديلي،قومي قيادت پاران خراج پيش

قائد جو جنم ڏهاڙو،گارڊز تبديلي،قومي قيادت پاران خراج پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول گارڊز جا فرض سنڀاليا.پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 148 هون جنم ڏهاڙو اڄ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.اڄوڪي ڏينهن جي شروعات وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ چئني صوبن جي راڄڌانين ۾ توپن جي سلامي سان ڪئي وئي.باباءِ قوم جي جنم ڏينهن تي اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا خصوصي تقريبون منعقد ڪندا. وڏي وزير،گورنر ۽ ڪور ڪمانڊر جي مزار قائد تي حاضري ڀري سلامي ڏني.

پاڪ فوج باباءِ قوم کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي
پاڪ فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پاران باباءِ قوم کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج قائداعظم جي ويزن ۽ بي مثال قيادت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.آءِ ايس پي آر موجب باني پاڪستان جي انتھڪ جدوجهد اسان جي عوام کي متحد ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح هڪ خودمختيار ۽ آزاد پاڪستان جو بنياد رکيو.آءِ ايس پي آر موجب قائداعظم اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن جي لاءِ پنهنجي غير متزلزل عزم کي ورجايو.

قائداعظم اهو ڪيو جيڪو ماڻهو ناممڪن سمجهي رهيا هئا: شهباز شريف
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قائداعظم اهو ڪيو جيڪو ماڻهو ناممڪن سمجهي رهيا هئا.قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان قائداعظم جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري وجود ۾ آيو.وزيراعظم جو چوڻ هو ته قائداعظم اتحاد، انصاف ۽ برابري تي يقين رکندو هو.هن چيو ته قائد جي جدوجهد جو سفر محنت ۽ لگن ذريعي خوابن جي تعبير جو ثبوت آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ محنت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

قائداعظم جي رهنما اصولن تي عمل ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو: اياز صادق
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق باباءِ قوم قائداعظم کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.پنهنجي پيغام ۾ اياز صادق چيو ته قائداعظم جو اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جو پيغام اسان لاءِ مشعل راهه آهي.هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 صدي جي عظيم ليڊرن مان هڪ آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته قائداعظم جهڙا اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.هن چيو ته قائداعظم برصغير جي مسلمانن کي الڳ وطن لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. اياز صادق چيو ته قائداعظم اصول پرست، ذميوار، باصلاحيت، بردبار ۽ سمجھدار اڳواڻ هو.

قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪري ملڪ جي ترقي ممڪن آهي: علي امين گنڊاپور
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته قائداعظم جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪري ملڪ جي ترقي ممڪن آهي.وڏي وزير علي امين گنڊاپور قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان قائداعظم جي جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، ملڪ جي بقا ۽ سلامتي اسان جي اولين ترجيح آهي.علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته اسان کي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي پنهنجو انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو