في ڪپ چاءِ جا اگهه وڌائڻ خلاف شهرين جو مظاهرو

خانپورمھر(ن س) ھوٽل مالڪن پاران چاءِ جي في ڪپ 20 روپين مان وڌائي 30 روپيا ڪرڻ تي شھري روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ڌرڻ جي اھواڻي ڪندڙن عيدن مھر، جبل انصاري، عبدالڪريم جسڪاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ خانپورمھر ۾ ھوٽل مالڪن ملي ڀڳت ڪري چاءِ جي ڪوپ جو اگھه هڪدم 10 روپيا وڌائي ڇڏيو آھي، جڏھن تہ کير جو ريٽ بہ ساڳيو آھي. ھنن چيو تہ ھوٽل مالڪن چانھ جي ڪوپ جو اگھ وڌائي مزدور ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته هوٽلن تي چاءِ بہ غير معياري ملي ٿي. احتجاج ڪندڙن ڊي سي گھوٽڪي ء ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ غير قانوني واڌ جو نوٽيس وٺي هوٽل مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن هوٽل مالڪن جو چوڻ آهي ته کير، کنڊ ۽ پتي مهانگي ٿي وئي آهي، ٻين شهرن ۾ في ڪپ 40 کان 60 روپيا وڪامي ٿو اسينان جي ڀيٽ ۾ اگهه ناهي وڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو