سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻائيندڙ ئي ضامن هئا.هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته سوات ۽ فاٽا ۾ طالبان جو وڏو انگ آهي، اهي ماڻهو اتي پهتا ۽ ان سبب دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن.خواجا آصف چيو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون.فيض آباد ڌرڻي جي حوالي سان اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ فيض حميد معاهدي ۾ شامل ٿيڻ تي زور ڏنو، ڌرڻا وارا ئي ضامن هئا.
