ڪراچي (ويب ڊيسڪ)فيروز خان ناليواري فلمساز شرمين عبيد چنائي خلاف داخل ڪيل توهين جو ڪيس واپس وٺڻ ۽ ڪيس اڪلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اداڪار فيروز خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو ته مان شرمين عبيد جي ڪيس کي وڌائڻ نٿو چاهيان، مون کي معلوم ٿيو آهي ته آزادي هڪ نعمت آهي ۽ الله وڏو مهربان آهي.ان کان اڳ سوشل ميڊيا صارفين طرفان اڳوڻي زال عليزا سلطان تي تنقيد ڪندي فيروز خان چيو هو ته مان پنهنجي مداحن کي گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته عليزا کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان جي وچ ۾ هو ۽ هاڻي اسان جي وچ ۾ ڪجهه به ناهي.
